سکر (ن پ ا) ايف آءِ اي سکر جي ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نثار احمد ساوند، عابد علي مري، ثانيا قريشي لاڙڪاڻو ۽ قمبرشھدادڪوٽ ضلعن جي باقراڻي ۽ نصير آباد ۾ ھنڊيءَ جو ڪاروبار ڪندڙن جي ٺڪاڻن تي ڇاپا ھنيا.ايف آءِ اي جي ٽيم نصير آباد ۾ واقع ھڪ دڪان تي ڇاپو ھڻي غلام رضا پٽ محمد ابراھيم سومرو کي گرفتار ڪري مختلف بينڪن جا چيڪ بوڪس، اي ٽي ايم ڪارڊز، 4 لک 48 ھزار 250 ھٿ ڪري مٿس ايف آءِ آر دخل ڪئي وئي آھي.باقراڻي سميت مختلف ھنڌن تي ڇا ھڻي ھنڊي جو ڪاروبار ڪندڙ ٻن ڄڻن فياض حسين پٽ نياز محمد شيخ ۽ الله واري مسجد باقراڻي روڊ تي ڪاروائي ڪري احمد علي ولد ولي اللھ ۽ غلام محمد پٽ روشن شيخ کي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان مختلف بينڪن جا چيڪ بوڪس، اي ٽي ايم ڪارڊز، روڪ رقم توڙي ٻيو سامان ھٿ ڪري مٿن ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي.