گهوٽڪي (رپورٽر) اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس شهر مان فيصل شيخ سيمت ٻن معصوم نينگرن کي ٿاڻي وٺي وئي. نينگر فيصل شيخ جو چوڻ هو ته اسان کي ايگل تي گشت ڪندڙ پوليس اهلڪارن چور چئي گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي، اسان چور ناهيون، خبر ناهي ته ڪهڙي چوري ڪئي آھي جو پوليس اسانکي گرفتار ڪيو آهي، اسان کي آزاد ڪيو وڃي، پوليس پاران مبينا طور چور ڄاڻايل گرفتار ڪيل ٻنهي معصوم نينگرن جو ٽائيم نيوز جي ٽيم وڊيو رڪارڊ ڪري ورتو، رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ٻنهي گرفتار ڪيلن نينگرن جي گرفتاري کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته اسان کي به نينگرن کي گرفتار ناهي ڪيو