لاهور (م ڊ) لاهور ۾ ماني 8 رپين مان وڌائي 10 رپيا ڪئي وئي، غربت جو ماريل عوام ويتر پريشاني جو شڪار ٿي ويو. تندور مالڪن جو چوڻ آهي ته 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 860 رپين مان وڌي 1070 رپين جو ٿي ويو آهي، ان ڪري ماني مهانگائي ڪئي آهي، ضلعي حڪومت جو چوڻ آهي ته تندور مالڪن سان ڳالهين بعد ئي ڪو فيصلو ڪنداسين.