ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) موسميات کاتي 27 جون کان برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته هيل سانوڻي دوران جولاءِ کان سيپٽمبر مهيني ۾ معمول ويجھو برساتون پونديون، سنڌ جي ميداني علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو امڪان آهي جڏهن ته اترين علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ ڪري گليشيئر پڻ رجندا، جنهن سان دريائن ۾ چاڙھه واري صورتحال هوندي، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هيل معمول کان وڌيڪ برساتون پونديون، واضح رهي ته جولاءِ ۾ ڪراچي ۾ 60، آگسٽ ۾ 60.9 ۽ سيپٽمبر ۾ 11 ملي ميٽر برسات پوندي آهي.