لاهور (م ڊ) لاهور جي ايم اي او ڪاليج جي شاگردياڻي ليڪچرار تي جنسي طور حراسان ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو، شاگردياڻي الزام هڻندي چيو آهي سائيڪالوجي جي ليڪچر چيو ته پيپر ۾ مارڪون کپن ته ڪاليج کان ٻاهر ملاقات ڪريو، غيراخلاقي پيغام به موڪليا آهن، شاگردياڻي جي شڪايت تي پروفيسر جي پنج رڪني ٽيم معاملي جي جاچ ڪئي، موبائل فون ڊيٽا جاچ جو حصو بڻائي وئي، ڪاليج انتظاميا موجب شاگردياڻي جي شڪايت تي جاچ ڪئي آهي، ليڪچرار کي ڇوڪرن جي ڪاليج ۾ بدلي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.