اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي بحالي جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنهنجي فيصلي تان هٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته تحريڪ انصاف جي جن ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿي ويون آهن اهو ئي فيصلو حتمي هوندو، 35 ميمبرن مان ڪنهن به هڪ کي اڄ واري اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني ويندي. قومي اسيمبلي جي اختيارين جو چوڻ هو ته استعيفا ڏنل پي ٽي آءِ ميمبرن اسيمبلي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي، لاهور هاءِ ڪورٽ يا اليڪشن ڪميشن ڪنهن به پي ٽي آءِ ميمبر کي بحال ناهي ڪيو، ڪميشن رڳو ننڍي چونڊن جي حوالي سان پنهنجو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي ذريعن ٻڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ اسپيڪر جي استعيفا منظور ڪرڻ واري فيصلي کي معطل ناهي ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن به ڪنهن به پي ٽي آءِ ميمبر جي بحالي ناهي ڪئي. تحريڪ انصاف عدالتي فيصلي تي پنهنجي مرضي جي تشريح ڪري رهي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن  اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي حوالي سان پي ٽي آءِ پنجاب جي 35 ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ ۽ 27 تڪن جي ننڍي چونڊن جو چونڊ شيڊول معطل ڪيو هو.