گجرانوالا (م ڊ) تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ جي 5 هين ڏينهن گوجرانوالا ۾ اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر چوڌري ظفرالله چيما سميت 70 کان وڌيڪ ڪارڪنن گرفتاري ڏني،گوجرانوالا ۾ سينٽرل جيل اڳيان پوليس لائوڊ اسپيڪر تي گرفتاريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو ڪو اڳواڻ يا ڪارڪن گرفتار ٿيڻ چاهي ٿو ته اچي گاڏي ۾ ويهي، عزت سان کڻي وينداسين. گوجرانوالا ۾ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر چوڌري ظفرالله چيما سميت 70 کان وڌيڪ ڪارڪنن گرفتاري پيش ڪئي، جڏهن ته منڊي بهاءُ الدين مان اڳوڻو وفاقي وزير نذر گوندل به گرفتار ٿيلن ۾ شامل آهي. ان کان علاوه گوجرانوالا ۽ وزيرآباد مان به تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي ريلي گوجرانوالا پهتي ته سندن گرفتاري عمل ۾ اچي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد دعويٰ ڪئي ته پوليس جون 6 گاڏيون ڀرجي ويون، هاڻي پوليس جون گاڏيون هليون ويون آهن، ان ڪري هو ۽ ٻيا واپس وڃي رهيا آهن. جڏهن ته ڪالهه به گرفتاري لاءِ آيل ڪيترائي ڪارڪن وين ۾ ويٺا، فوٽو سيشن ڪيائون ۽ هليا ويا.