لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) قمبر جي ڳوٺ نور هليو ۾ ٻارن جي ڳالهه تان هليا ذات جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙي دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان اديب هليو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي چانڊڪا  اسپتال آندو ويو، ذوالفقار هليو ٻڌايو ته سئوٽ جي پٽ عارف هليو ٻارن جي ڳالهه تان پٽ اديب سان منهن ماري ڪرڻ بعد کيس گوليون هنيون.واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو آهي، هوڏانهن چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.