ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فريئر هال ۾ نئين اڏاوت ڪرڻ تان  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ پاران ڪي ايم سي جي ڊي جي پارڪس جنيد الله، ڊي جي اينٽي انڪروچمينٽ بشير صديقي ۽ ايڊووڪيٽ عذرا مقيم خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي بابت ٻڌايل فيصلي کي معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ سينيئر ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ بشير صديقي، ڊي جي پارڪس ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، ڄاڻايل آفيسرن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 20 جون جي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو الزام هو.