ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ون فائيو سينٽر ڀرسان اعواڻ ميڊيڪل اسٽور، شيراز ميڊيڪل اسٽور سميت 4 ميڊيڪل اسٽورن تان ڦر خلاف ميڊيڪل اسٽور يونين جي سڏ تي هڙتال ڪئي وئي ۽ شهر جا ميڊيڪل اسٽور مڪمل طور بند رهيا. گھنٽا  گھر چوڪ وٽ عوامي تحريڪ پاران بدامني خلاف 40 ڏينھن کان ھلندڙ ڪيمپ تي پھچي احتجاج ڪيو وي ويو. اڳواڻن شفيق خاصخيلي ،آصف اعواڻ ، عبدالرشيد شيخ ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل نجيب مھيسر ۽ ٻين چيو ته ميھڙ شھر ۾ ون فائيو سينٽر ڀرسان چئن کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽورن مان سرعام لکين روپين جي ڦر ڪئي وئي پر پوليس ڦر وارن واقعن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگھي آھي ۽ پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي بجاء بدامني ۽ ڦر جي واقعن خلاف احتجاج ڪندڙن تي دهشگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن. ھنن چيو ته اسين ايس ايس پي جي آفيس سميت ميھڙ پوليس اسٽيشنن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پياسين پر پوليس ڪا به واھر ناهي ڪئي. شفيق خاصخيلي جي ميڊيڪل اسٽور مان ٻه ڀيرا ٿيل ڦر ۽ آصف اعواڻ ، آصف چنه ، شڪتي ڪمار جي ميڊيڪل اسٽورن مان فر ٿيل لکين روپين جي رڪوري ڪرائي امن امان جي بحال ڪري نااھل پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ بدامني خلاف احتجاج ڪندڙ  شهرين تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. ٻئي پاسي وڌندڙ بدامني خلاف شهر جي واپارين به اڄ هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. واپاري تنظيمن ڪلاٿ مارڪيٽ ايسوسيئيشن ۔ چئمبر آف ڪامرس ۔  جنرل مرچنٽ ايسوسيئيشن ۔ صرافا بازار ۔ ميڊيڪل اسٽور ايسيوسيئيشن ۽ ٻين تنظيمن جو گڏيل اجلاس ٿيو اجلاس ۾ عبدالخالق شيخ ۔ ذوالفقار کوکر ، شفيق خاصخيلي، شير محمد آڳرو ۔ شاه محمد سولنگي ۔ وحيد سيال ۔ جاويد آڳرو ۔ آصف اعواڻ ، عبدالرشيد شيخ ۽ ٻين چيو ته اڄ صبح 8 بجي کان 12 بجي تائين ٽوڪن هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکڻ ۽ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي پاسي احتجاج باوجود بد امني کي ٻنجو نه آيو، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رجب شاه قبرستان جي گيٽ وٽان 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ميوات جي واپاري منظور پٽ شعبان قمبراڻي کان ٻه لک ٽيھ هزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا.