قمبر ( رپورٽر) قمبر وڳڻ روڊ تي تعمير ٿيل مسافر خاني مان نوجوان جو لاش هٿ آيو. صدر پوليس نوجوان جو لاش  کڻائي قمبر اسپتال آندو، جنهنجي سڃاڻپ ڳوٺ گهٽھڙ  واسي نظر محمد ٻرڙو طور ڪئي وئي. وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان نشي جو عادي هو، گهڻو نشو واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو آھي، وارث فوتي جي لاش کي ڳوٺ گهٽھڙ کڻائي ويا.