قمبر (رپورٽر) قمبر جي غيبي ديرو واري ڪاڇي جي علائقي ۾ زمين جي مالڪي تان چانڊيا ۽ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻرڙا برادري جا 2 ڄڻا امير ٻرڙو ۽ سندس سئوٽ سيف ٻرڙو زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو آھي.