لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پنجاب مان عورتون آڻي پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ ۽ نڪاح مٿان نڪاح واري ڪيس جي مک ڪردار سيالڪوٽ واسڻ زنيرا حامد باجوه جي امڙ طرفان سندس حوالگي بابت داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڇهين ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. عورت زنيرا ۽ سندس امڙ فرحت حامد باجوه عدالت ۾ پيش ٿيا. زنيرا حامد باجوه عدالت کي ٻڌايو ته آءُ اڳ ئي پرڻيل آهيان، منهنجي مڙس جو نالو اسم علي بنگش آهي، لاڙڪاڻي ۾ دوکي سان منهنجي شادي ڪرائي وئي، نڪاح نامي ۾ منهنجي پيءُ جو نالو حامد باجوه بجاءِ رفيق بٽ لکيل آهي جنهن مان ثابت آهي ته اهو نڪاح نامو ڪوڙو آهي، تنهن ڪري آءُ پنهنجي امڙ سان وڃڻ چاهيان ٿي. عورت جي اهڙي بيان تي عدالت کيس پنهنجي امڙ فرحت حامد باجوه حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن دارالامان انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد عورت کي سندس امڙ حوالي ڪري ڇڏيو جيڪي سيالڪوٽ روانا ٿي ويا.