حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي المصطفيٰ فيز ٽو ۾ بئنڪ ملازم جي گهر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. اطلاع تي فائربرگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل گهر رابيل سولنگي نالي شخص جو آهي جيڪو بئنڪ ۾ ملازم پڻ آهي. سندس گهر کي باهه بابت ابتدائي طور اطلاع آهن ته باهه بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي هئي پر واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته باهه سبب گهر ۾ پيل لکين رپين جو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته پاڙي وارن باهه لڳڻ کانپوءِ گهر ۾ موجود ماڻهن کي فوري طور تي ٻاهر ڪڍي ورتو هو.