خيرپور (رپورٽر) گذريل ڏينهن راڻيپور شهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل نوجوان علي مراد ڦلپوٽو جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن عورتن ۽ ٻارن کي ساڻ ڪري خيرپور پهچي شاهه حسين باءِ پاس وٽ مقتول جو لاش رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي علي مردان، بشير احمد، عبدالغني، مسمات نجمه، مسمات اربيلي ۽ مسمات سڪينه ڦلپوٽو دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن راڻيپور ۾ جوابدارن گهر تي حملو ڪري علي مراد ڦلپوٽو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس گهرواري ثمينا زخمي ڪيو، هنن چيو ته جوابدارن جي نشاندهي ڪرڻ جي باوجود راڻيپور پوليس قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بيگناهه نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف ڊي ايس پي سٽي عبدالواحد ٻرڙو احتجاج واري هنڌ پهچي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. جنهن بعد وارث مقتول جو لاش کڻائي واپس راڻيپور هليا ويا.