ميرپورخاص (رپورٽر) مقتوله فاطمه جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، جوابدارن پاران ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار، ايندڙ ٻڌڻي 10 مئي تي مقرر، ان ڏس ۾ ڪجهه مھينا اڳ سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ جيل ڪوارٽر ۾ اڻڃاتل جوابدارن حملو ڪري فاطمه کي قتل ڪري ڇڏيو ھو، جنھن بعد مقتولا جي مڙس محمد بخش مري جي ڀاءُ امير اعظم مري جي فرياد تي پھرين مڙس الھجڙيو ڳاھو، خان محمد ڳاھو، بھادر گاھو ۽ رمضان ڳاھو سميت 5 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ انھي ڪيس جي فرد جرم جي ٻڌڻي ٿي، جتي جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو، جنھن بعد عدالت ايندڙ ٻڌڻي 10 مئي تي مقرر ڪري ڇڏي.