ملير (رپورٽر) قائدآباد پوليس ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ 2 جوابدارن محمد سليم ۽ معاذ علي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 5 ڪلو اعليٰ ڪوائلٽي جو چرس ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي، پوليس موجب گرفتار منشيات فروش ڪيترن ئي منشيات فروش جي ڪيسن ۾ گهربل آهن.