فيض گنج ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي تي حملو، نوجوان زخمي، زال مبينا اغوا

0
155
فيض گنج ڀرسان پسند

فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ ڀرسان ڪارنهن الزام لڳائي جوابدارن نوجوان تي سروٽن سان حملو ڪري نوجوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

زخمي نوجوان عرفان پٽ نظير اعواڻ چيو ته پڪاچانگ باءِ پاس وٽ جوابدارن حملو ڪري منهنجي زال کي اغوا ڪري ويا آهن

هن چيو ته صنم جتوئي سان 15ڏينهن اڳ ۾ پيار پرڻو ڪيو هو، ان کي وٺي مائٽن وٽ آيو هيس ته الطاف، ساجن، مختيار، مٺل ۽ قطب حملو ڪيو ۽ زال صنم کي کڻي ويا آهن

نوجوان عرفان اعواڻ کي زخمي ڪرڻ بعد جوابدارن سندس زال صنم جتوئي کي اغوا ڪري ويا پر پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل رهي

ھي به پڙھندا

مدئجي ڀرسان سئوٽ هٿان سئوٽ گوليون هڻي قتل