سنڌ ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويو، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

0
142
سنڌ ۾ پاڻي جو بحران

 سنڌ ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويو، سکر بئراج وٽ کوٽ وڌي 53.12 سيڪڙو ٿي وڃڻ کانپوءِ سکر بئراج کي 39 هزار 500 ڪيوسڪ بدران رڳو 18 هزار 516 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو

ڪوٽڙي بئراج کي معاهدي تحت  15 هزار 700 بدران رڳو 4 هزار 805 ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ 70 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي

گڊو بئراج جي کڻت لاڳيتي بند هجڻ سبب بحران وڌي ويو ۽ سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي اڻلڀ بڻجي ويو آهي

پاڻي جي شديد کوٽ سبب مختلف شهرن ۾ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن

اڏيرولال اسٽيشن ڀرسان بوڦاڙ شاخ ۾ ايريگيشن عملدارن پاران هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف پي پي يوسي اڏيرولال اسٽيشن جي اڳوڻي ڪائونسلر جنيد راجپوت جي اڳواڻي ۾ پ پ جا جهنڊا کڻي انوکو احتجاج ڪندي چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ ۽ ايريگيشن عملدارن پاران هٿرادو کوٽ سبب آبادگارن جا هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ڪمند، ڪيلو، ڀينڊي، ٽماٽو، انب، گاهه  ڪپهه جو فصل سڪي تباهه ٿي رهيو آهي

سنڌڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سامارو شاخ تي آبادگارن احتجاجي مظاهرو  ميرپورخاص کپرو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

آبادگار اڳواڻن مختيار مري، ساجن مري، عبدالرحيم شر، سبزل شر ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته شيڊول روٽيشن کان به وڌيڪ وقت سامارو کي بند ڪري اسان جا فصل سڪائي تباھ ڪيا پيا وڃن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي، سنڌو ۾ پاڻي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهتي