ڪراچي: سروسز اينڊ جنرل ايڊ منسٽريشن کاتي جي فوت ٿيندڙ ملازمن کي معاوضي طور رقم جاري ڪرڻ لاءِ 3 ڪروڙ هڪ لک 84 هزار رپيا بجيٽ مختص ٿيل هئي، سموري بجيٽ جاري ڪرڻ باوجود فوتي ملازمن جي وارثن کي رڳو هڪ ڪروڙ 74 لک رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته هڪ ڪروڙ 27 لک 84 هزار رپيا اڃا استعمال ٿي نه سگھيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتي ملازمن جا ڪيترائي فائل کاتي جي اختيارين وٽ پينڊنگ پيل آهن، جنهن ڪري فوتي ملازمن جي وارثن کي معاوضي واري رقم جاري نه پئي ڪئي وڃي.