سائنسدانن جو خيال آهي ته ويم جي پهرين ٽن مهينن ۾ فضائي آلودگي وارا ڪڻ اَؤرَ يا ڄَرَ (پليسينٽا) کي پار ڪري ماءُ جي پيٽ ۾ نپجندڙ ٻار جي جسم ۾ داخل ٿي سگھن ٿا.

 سائنسدانن کي پهرئين ڀيرو جنين جي جگر، ڦڦڙن ۽ دماغ ۾ فضائي آلودگي وارا ذرڙا مليا آهن جيڪي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ماءُ جي ساھه ۾ شامل ٿيندڙ خرد آلودا ذرڙا اَؤرَ جي وسيلي پيٽ وارن ٻارن جي جسم داخل ٿي سگھن ٿا. انهيءَ مان ئي ماحول ۾ ڳرندڙ زهر جي سنگينيءَ جو اندازو به لڳائي سگھي ٿو ته اهو ڪيئن نه ڄاول توڙي اڻڄاول انسانن کي شڪار بنائي رهيو آهي.

اها ڳالهه به غور جوڳي آهي ته ان کان اڳ وارين اهڙين تحقيقات ۾ به ان ڳالهه جي تصديق ٿي چڪي آهي ته ماحولياتي آلودگي نه صرف عام انسانن کي بلڪ ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻارن کي به متاثر ڪري سگھي ٿي. مثال طور ويم جي دوران سگريٽ جي دونهن جي ڪري ٻارن ۾ پيدائشي عيبن وارن واقعن ۾ 13 في سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو آهي. انهيءَ ريت مئل ٻار جي پيدائش جو خطرو به 23 في سيڪڙو تائين وڌي سگھي ٿو. انهي ريت ويم جي دوران ٻين آلودگين جهڙوڪ شيهي، جيت مار دوائن ۽ فضائي آلودگي جي ڪري به پيٽ واري ٻار جي صحت کي نقصان رسي سگھي ٿو.

تازو اسڪاٽ لينڊ جي يونيورسٽي آف ابرڊين ۽ بيلجيم جي هيسلٽ يونيورسٽي جي محققن کي هڪ مطالعي ۾ پيٽ ۾ موجود ٻارن جي ڦڦڙن، جگر ۽ دماغ ۾ فضائي آلودگيءَ وارا ذرڙا مليا آهن. سائنسدانن جو خيال آهي ته فضائي آلودگي جا ذرڙا پليسينٽا (اَؤرَ) کي پار ڪري ويم جي پهرين ٽماهي ۾ پيٽ واري ٻار جي جسم ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. ان مطالعي جا نتيجا بين الاقوامي جرنل ”لانسيٽ پلينيٽري هيلٿ“ ۾ شايع ٿيا آهن.

ان حوالي سان محققن جو چوڻ آهي ته پيٽ واري ٻار ۾ فضائي آلودگي جو پتو لڳائڻ تمام گهڻو پريشان ڪندڙ ڳالھه آهي ڇو ته ويم وارو اهو دور انساني واڌ ويجھه جو سڀ کان نازڪ موڙ هوندو آهي. ٻار جي واڌ ويجھه هن دور ۾ شروع ٿئي ٿي. محققن کي هر هڪ مڪعب ملي ميٽر ٽشو ۾ هزارين ڪارا ڪاربن جا ذرڙا مليا جيڪي ويم دوران ماءُ جي ساھه جي ذريعي رت جي وهڪري ۾ ۽ پوءِ اَؤرَ کان جنين تائين پهتا آهن.

پنهنجي تحقيقات ۾ محققن ڪهياڻ ٿيل 36 جنينن جي ٽشوز جي نمونن جو تجزيو به ڪيو آهي جيڪي 7 کان 20 هفتن سان واسطو رکندڙ هئا. اَؤرَ  جي رت ۾ ڪاري ڪاربن جي ذرڙن جي موجودگي جن کي ڪارنهن وارن ذرڙن جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي ڏٺو آهي ۽ محققن مطابق اهي ڪارڙا ذرڙا ناڙ جي دفاعي بچاءُ واري نظام کي ٽوڙي ٻار جي جسم ۾ داخل ٿي سگھن ٿا.

 انهي حوالي سان اسڪاٽ لينڊ جي يونيورسٽي آف ايبرڊن جي پروفيسر ۽ تازي تحقيق سان وابسته پال فولر جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو اها ڳالھه سامھون آئي آهي ته ويم جي پهرين ۽ ٻي ٽماهي ۾ ڪارا ڪاربن نينو ذرڙا نه صرف ناڙ ۾ داخل ٿي سگھن ٿا پر وڌندڙ ويجھندڙ جنين ۾ پنهنجي جاءِ بڻائي سگھن ٿا.

سندس مطابق ان کا ن به وڌيڪ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته اهي ذرڙا ٻار جي دماغ ۾ به داخل ٿي سگھن ٿا. ان جي معنيٰ اها آهي ته اهي خرد ذرڙا انساني جنين جي انگن ۽ جيوگھرڙن جي اندر ڪنٽرول سسٽم کي سڌي ريت متاثر ڪري سگھن ٿا.

تڏهن به پنهنجي مطالعي ۾ محققن اسڪاٽ لينڊ۽ بيلجيم ۾ ڳورهارين عورتن ۽ انهن جي ٻارن جو جائزو ورتو آهي. جيڪي تماڪ نٿيون ڇڪين ۽ جتي فضائي آلودگي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي. پر نتيجا پوري دنيا ۾ وڌندڙ آلودگي جي اثرن ڏانهن اشارو ڪن ٿا. خاص ڪري ننڍي کنڊ جي ملڪن ۾ ته اهو مسئلو اڃا ئي ڌيڪ سنگين ٿي سگھي ٿو . ڇاڪاڻ ته اتي فضائي آلودگي انهن ملڪن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي.

 لانسيٽ پلينيٽري هيلٿ ميگزين ۾ شائع ٿيڻ واري تحقيقات مان خبر پئي آهي   ته فضائي آلودگي ڏکڻ ايشيا ۾ هر سال 3 لک 49 هزار 681 عورتن کي ويم کان محروم ڪري ٿي جيڪي علائقي ۾ ٿيندڙ نقصان جو تقريبن 7.1 في سيڪڙو آهي.

رپورٽ جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ ان ڏس ۾ هر سال 56 هزار 519 نوان ڄاول ٻار مريو ٿا وڃن. ڀارت ۾ اهو انگ هڪ لک 20 هزارن کان به وڌيڪ آهي. جڏهن ته نائيجيريا ۾ 67 هزار 869، ايٿوپيا ۾ 22 هزار 857، ڪانگو ۾ 11 هزار، تنزانيه ۾ 12 هزار 662 ۽ بنگلاديش ۾ فضائي آلودگي جي نتيجي ۾ 10 هزار 496 نوان ڄاول ٻار مري وڃن ٿا.