بدين(رپورٽر) بدين ضلعي جي ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽورن تي نشي واريون شيون وڪرو ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا آهن، منشيات طور استعمال ٿيندڙ موتمار انجيڪشنون، گوريون وغيره، سرعام وڪرو ڪرڻ ڪري ڪيترن ئي نوجوانن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن، باخبر ذريعن موجب ته  ضلعي اندر پنجويھ سيڪڙو کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور مالڪن وٽ لائيسنس  به نه  آهن، جنهن جو صحت کاتي بدين پاران ڪوبه نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي، ٻئي طرف بدين ضلعي جي سڄاڻ ڌرين ۽ شھرين اصغر خواجا، فاروق دل،اسحاق ملاح ۽ ٻين سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته بدين ضلعي ۾ بنا لائسنس ۽ منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ دوائون منٿلي عيوض ھلائڻ لاءِ ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي ڇوٽ ڏيندڙ ڊرگ انسپيڪٽر خلاف   فوري ڪارروائي ڪري انساني زندگيون بچايون وڃن.