فريدآباد (ن پ ا) ڳوٺ سيلرا جي رھواسي پيرسن محمد خان سيلرو پريس ڪلب پھچي اپيل ڪندي چيو ته پٽ خالد حسين جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي،گهر ڀاتين، پاڙي وارن يا پاڻ کي نقصان پھچائي سگهي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته پٽ ڏسڻ تي به مڇرجي گهر ڀاتين کي مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اڄ ته ٻئي ڀاءُ کي ڇري کڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پرڀاءُ پاڙي وارن جي گهرن ۾ ڀڄي وڃي جان بچائي. ھن اعلي اختيارن ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته خدا واسطي پٽ کي انتظاميا يا ڪو وس وارو گدو وٺي وڃي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرائي ته جئين پٽ جو به علاج ٿي سگهي ۽ ڪنهن نقصان کان به بچاء ٿي وڃي.