پيرس(م ڊ) فرانس جي سيمينٽ فيڪٽري عالمي دهشتگرد تنظيم کي مالي تعاون جي فراهمي وارو الزام قبولي ورتو آهي. آمريڪا ۾ جاري ڪيس ۾ لافارج نيويارڪ ۾ بروڪلين جي وفاقي عدالت ۾ هڪ معاهدو طئي ڪيو آهي. ان معاهدي تحت لافارج داعش جي ڀٺڀرائي ڪرڻ جو الزام قبول ڪندي 777،78 ملين ڊالر جو هرجاڻو ادا ڪرڻ جي حامي به ڀري آهي. لا فارج پنهنجي بيان ۾ ان ڳالهه کي قبول ڪيو ته هو ۽ سندس ماتحت ڪمپني شام ۾ داعش جي ڀٺڀرائي ڪئي هئي جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي هئي تنهن ڪري فيڪٽري انتطاميا کي ان واقعي تي پڇتاءُ آهي.