ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪم تي غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن  خلاف ڪاررواين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪراچي، حيدرآباد، مٽياري، ڄامشورو ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪيترا آفيسر ۽ اهلڪار لائين حاضر ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي ڪياماڙي 27 اي ايس آئيز ۽ اهلڪارن کي هٽائي ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ هٽايل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي سائوٿ زون هيڊڪوارٽر ( پوليس لائين ) ۾ رپورٽ ڪن. پوليس ترجمان موجب سڄي صوبي ۾ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪاررواين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي