غوثپور (ن پ ا ) ڪشمور پوليس ٻه مهينا اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل غوثپور جي ڳوٺ غلام قادر شيخ واسي  رحيم بخش شيخ ۽ 6 مهينا اڳ گهوٽڪي جي علائقي مان اغوا ٿي ويل محمد صفيان کرل کي مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  پوليس موجب گيهلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ جکراڻي ۽ شر گينگ ۾ هلندڙ جهيڙي جي ڪري ڏوهاري مغوين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا.  اطلاع تي بروقت ڪارروائي ڪندي ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪايو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوهاري مغوين کي ڇڏي ويا.هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين جي بازيابي ڊيل تحت عمل ۾ آئي آهي.