اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سنڌ جي بيراجن تي پاڻي جي کوٽ وڌي مجموعي طور تي 58.5 سيڪڙو تي پهچي وئي،  گڊو بيراج تي پاڻي جي کوٽ 79 سيڪڙو، سکر بيراج تي 42.1 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي کوٽ 67.3 سيڪڙو تي اچي وئي، تفصيل موجب سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران ڪالهه سنڌ جي بيراجن تي پاڻي وهڪرن بابت جاري ڪيل تفصيلن ۾ تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ مجموعي طور تي 58.5 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته گڊو بيراج تي پاڻي جي کوٽ 79 سيڪڙو، گڊو بيراج وٽان بلوچستان کي پاڻي جي کوٽ 53 سيڪڙو، سکر بيراج تي پاڻي جي کوٽ 42.1 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، سکر بيراج مان بلوچستان کي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان کوٽ 77.3 سيڪڙو تي رهي، ڪالهه ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي کوٽ 67.3 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، ڪالهه به پنجاب ٽي پي لنڪ ڪينال مان 2722 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت جاري رکي، سي جي لنڪ ڪينال مان 500 ڪيوسڪ پاڻي کنيو پئي ويو، گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو 62088 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 52576 ڪيوسڪ، سکر بيراج جو مٿيون وهڪرو 52006 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 19066 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيراج مٿيون وهڪرو 10325 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ رڳو 120 ڪيوسڪس رهيو، ارسا ترجمان پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق ڪالهه منجهند 12 وڳي ڌاري تربيلا بدستور ڊيڊ ليول تي رهيو، تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 90 هزار ڪيوسڪ ۽ پاڻي کڻت 52700 ڪيوسڪ رهي،  ڪابل جا وهڪرا 19800 ڪيوسڪ رهيا، جڏهن ته چشما وٽ  پاڻي جي آمد هڪ لک 8 هزار 378 ڪيوسڪ رهي، چشما وٽان پاڻي جي کڻت هڪ لک 2 هزار 390 ڪيوسڪ رهي، ملڪ ۾ ڊيمن اندر پاڻي جي اسٽوريج 0.091 ايم اي ايف آهي، ارسا ترجمان “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي پاڻي فراهمي لاءِ انڊيٽ هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ آهي پر سنڌ کي 74 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، سنڌ کي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي، بلوچستان لاءِ 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪري رهيا آهيون، ارسا ترجمان مطابق 74 هزار ڪيوسڪ سنڌ لاءِ ۽ 14 هزار ڪيوسڪس بلوچستان لاءِ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪل پاڻي 88 هزار ڪيوسڪس ٿئي ٿو پر ڪالهه گڊو بيراج وٽ پاڻي جي آمد رڳو 62100 ڪيوسڪ رهي.