غوثپور ويجهو 12 ورهين جو نينگر پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

0
279

غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجهو ڳوٺ سائينداد ڀيو واسي 12 ورهين جو نينگر ڪاشف علي ڀيو گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ نينگر جي وارثن رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته نينگر گذريل ڏينهن گهران نڪري مال کي چارو کارائڻ لاءِ ويو هو جيڪو هن محل تائين گهر واپس ناهي موٽيو، هنن چيو ته نينگر جي وڏي ڳولا ڪرڻ باوجود نينگر جو ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو، آهي هنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.