عورت اينڪرجي غلطي:ڪورونا جي پهرين ويڪسين سان شيڪسپيئرکي مارائي ڇڏيو

0
371

بيونس آئرس(دلچسپ نيوز) عورت اينڪرجي غلطي، ڪورونا جي پهرين ويڪسين سان شيڪسپيئرکي مارائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ارجنٽينا ٽيليويزن نيٽ ورڪ ڪورونا جي پهرين ويڪسين لڳائڻ سبب هڪ پيرسن جي فوت ٿيڻ جي خبر نشر ڪئي. عورت نيوزاينڪران فوتي جو تعارف انگريزي جي مشهور ليکڪ ۽ شاعر 81 ورهين جي وليم شيڪسپيئر طور ڪرايو، عورت نيوز اينڪرجي ان غلطي ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو، مختلف ماڻهن مختلف تبصرا ۽ تنقيد شروع ڪري ڏني. جڏهن ته ڊاڪٽر پڻ ميدان تي اچي ويا سندن چوڻ هو ته وليم شيڪسپيئر جي موت کي ڪورونا ويڪسين سان نه جوڙيو وڃي، اهڙيون خبرون هلائي عوام کي ويڪسين کان پري ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف شاعرن ۽ اديبن پڻ تبصرا ۽ وضاحتون شروع ڪري ڏنيون سندن چوڻ هو ته وليم شيڪسپيئر جو موت ڪنهن به ويڪسين لڳرائڻ سبب نه ٿيو هو پرسندس موت طبعي هو. ميڊيا تي هلندڙ بحث کانپوءِ اها خبر ڏيندڙ صحافي ٽي وي تي اچي وضاحت ڏني ۽ پنهنجي خبر کي درست ڪرايو سندس چوڻ هو ته ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ بعد فوت ٿي ويل پيرسن جو نالو وليم بل شيڪسپيئرهو. جيڪو ويڪسين لڳرائڻ جي 5 مهينن بعد فوت ٿي ويو.