بدين (رپورٽ: حميد سومرو) بدين ۾ چانڊيا برادري جي گھرن کي باھ، فائرنگ، هڪ ڄڻو زخمي. خبر موجب بدين- حيدرآباد روڊ تي ڳوٺ راوت چانڊيو ۾ علي نواز چانڊيو، مدد علي ۽ ذيشان چانڊيو جي گھرن کي باھ لڳڻ بعد تيز هوا ۽ فائر برگيڊ گاڏي دير سان پهچڻ سبب گھرن ۾ يپل کٽون، بسترا، ڪپڙا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. واقعي بعد متاثر ماڻهن بدين- حيدرآباد روڊ بند ڪري پوليس ۽ مخالفن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. هڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند هجڻ ڪري مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن علي نواز، مدد علي چانڊيو، مسمات الهبچائي، فرزانه ۽ ٻين چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان سرڪاري ڀڏي تي ويٺل آهيون، ٻن سالن کان معاملو عدالت ۾ آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته اڄ جڏهن اسان مزدوري تي ويل هئاسين ته مخالفن رجب، ڀالو، خادم چانڊيو ۽ ٻين اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ گھرن کي باھ ڏئي ڇڏي. اسان هن کان اڳ ۾ پڻ بدين پوليس کي تحفظ لاءِ درخواستون ڏنيون پر پوليس بااثرن جي ونگاري بڻيل آهي. هنن بڌايو ته مخالفن جي حملي ۾ هڪ ڄڻو حيدرچانڊيو سخت زخمي ٿي پيو آهي. هوڏانهن ماڊل ٿاڻي بدين ٿي گهر ڌياڻي مسمات شريفا چانڊيو جي فرياد تي 6 جوابدارن خادم، فتح محمد، رجب، امتياز، گلزار ۽ لائق چانڊيو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.