ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سول سوسائٽي ۽ عورتن جي مختلف تنظيمن عورتن جي لباس بابت وزيراعظم جي بيان خلاف پريس ڪلب اڳيان ٽيبلوز پيش ڪري مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شيما ڪرماني، انيس هارون، شازيه عدنان ۽ ٻين چيو ته وزيراعظم پاران عورتن جي لباس بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته مدرسن جي ٻارڙن کي پورو لباس پهريل هوندي به زيادتي جو نشانو ويندو آهي، جانورن سان ريپ ڪرڻ جا واقعا به سامهون اچن پيا. مڪمل پردي واريون عورتون به محفوظ ناهن، مُلڪ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن بابت جوڙيل قانون تي عمل ڪيو وڃي. احتجاج دوران عورتن ۽ کدڙن فقيرن پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.