حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا 26 سالن کانپوءِ حيدرآباد جي پراڻي سبزي مارڪيٽ جون اڌو اڌ ڪاروباري سرگرميون نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ڪري ڇڏيون آهن، عدالتي حڪم تحت گذريل ڏينهن انتظاميا پراڻي سبزي مارڪيٽ پهچي واپارين کي نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ٿيڻ جو چيو، جنهن دوران 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واپاري توڙي دڪاندار نئين مارڪيٽ منتقل ٿي ويا آهن، نئين سبزي مارڪيٽ ۾ واپارين جي منتقلي بعد انتظاميا پاران افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو، مارڪيٽ ڪميٽي جو چيئرمين شاهنواز رند، اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي، مختيارڪار ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا، تقريب ۾ واپاري برادري به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊي سي چيو ته 26 سالن کانپوءِ نئين سبزي مارڪيٽ کي مڪمل طور فعال بڻايو ويو آهي، ڊي سي واپاري برادري کي يقين ڏياريو ته نئين سبزي مارڪيٽ ۾ کين وس آهر سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيو وينديون، هوڏانهن انتظاميا پاران پراڻي سبزي مارڪيٽ جو 50 سيڪڙو ڪاروبار نئين سبزي مارڪيٽ زوري منتقل ڪرائڻ خلاف واپارين جي هڪ گروپ پاران احتجاج ڪيو ويو. احتجاج دوران عبدالرحمان آرائين ۽ ٻين الزام هنيو ته هالي روڊ سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏجي انتظاميا جمع ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات دير تائين دڪاندارن ۽ واپارين کي نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، جنهن بعد واپاري مجبور ٿي اوڏانهن هليا ويا آهن، هن چيو ته علائقن ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪري پراڻي سبزي مارڪيٽ ڏانهن ميوات ۽ ڀاڄيون کڻي ايندڙ ٽرانسپوٽرز خلاف ڪارروايون ڪري کين نئين سبزي مارڪيٽ موڪلي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته عدالتي حڪم تحت نئين سبزي مارڪيٽ ۾ پلاٽن جي ڊبل الاٽمينٽ سميت بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته هو بنا ڪنهن زور زبردستي جي نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ٿي ويندا.