ڏيپلو (ن پ ا) برسات دوران واريءَ سان لٽجي ويل ڏيپلو- بدين روڊ کي ڪليئر ڪرايو ويو، ٽريفڪ بحال ٿي وئي. ”پنهنجي اخبار“ ۾ خبر لڳڻ کانپوءِ تڪ جي ايم پي اي ارباب لطف الله معاملي جو نوٽيس ورتو هو. گذريل ڏينهن روڊس کاتي جي عملدارن ٽريڪٽر ۽ ٻِي مشينري ذريعي روڊ کي مڪمل طور ڪليئر ڪري ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو. ان موقعي تي علائقي واسين چيو ته ڏيپلو- بدين روڊ مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي، روڊ نئين سر تعمير ڪري عوام جو بنيادي مسئلو حل ڪيو وڃي.