ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ بحريا ٽائون آڏو احتجاج دوران گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ لڳل بک هڙتالي ڪيمپ تي ناليوارو راڳي مانجھي فقير پهتو، صوفي راڳي مظاهرين کي جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي. ڪالهه صوفي راڳي مانجھي فقير پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا طرفان لڳل بک هڙتالي ڪيمپ تي پهتو، جتي هن صوفياڻا ڪلام به ڳايا. ان موقعي تي مانجھي فقير انعام عباسي ۽ ٻين کي چيو ته آئون ڀٽائي جو رسالو ۽ تنبوري جي تار کڻي آيو آهيان، بک هڙتال کي 13 ڏينهن ٿي ويا آهن، ڪيمپ تي ويٺل سمورن ماڻهن جي حالت خراب آهي، ان لاءِ بک هڙتال ختم ڪئي وڃي. انعام عباسي مانجھي فقير کي مان ڏيندي بک هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سندس چوڻ هو ته بک هڙتال ختم ڪئي آهي پر جدوجهد جاري رهندي