سڊني (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا افغانستان ۾ طالبان پاران عورتن تي پابندين خلاف احتجاج طور افغانستان خلاف 3 ون ڊي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان موجب گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ افغانستان خلاف 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز نه کيڏي ويندي. آسٽريلوي بورڊ موقف اختيار ڪيو آهي ته افغانستان خلاف ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو طالبان پاران عورتن ۽ ڇوڪرين جي روزگار ۽ تعليم تي پابندي جي ڪري ڪيو ويو آهي. سيريز تان هٿ کڻڻ جو فيصلو حڪومت ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا وچ ۾ ڊگهي مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچون آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو آهن. واضح رهي ته ڀارت جي دوري کانپوءِ آسٽريلوي ٽيم کي افغانستان سان يو اي اي ۾ ٽي ون ڊي ميچون کيڏڻيون هيون. ٻئي پاسي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نوين الحق ۽ اسپنر راشد خان ڪرڪيٽ آسٽريليا جي افغانستان سان کيڏڻ کان انڪار سبب بگ بيش ليگ ڇڏي ڏني آهي. بگ بيش ليگ ۾ سڊني سڪسرز جي نمائندگي ڪندڙ افغان فاسٽ بالر نوين حق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو ته جيستائين ڪرڪيٽ آسٽريليا اهڙي ٻاراڻي فيصلي کي روڪي نه ٿو، تيستائين بگ بيش ليگ نه کيڏي ويندي.