ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان گولڊ ميڊل لاءِ  3 اسڪائوٽس نامزد ٿي ويا. پاڪستان اسڪائوٽس نيشنل هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي ۾ تقريب ٿي، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور،ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، ملتان، فيصل آباد ۽ ٻين شهرن جا اسڪائوٽس شريڪ ٿيا، سليڪشن ڪميٽي روور اسڪائوٽس فرحان مصطفيٰ، بوائي اسڪائوٽس عبدالله سعيد ۽ شاهين اسڪائوٽس آيان تاج کي پاڪستان گولڊ ميڊل ايوارڊز لاءِ نامزد ڪيو. حمزا عمران، عبدالله خان، ملڪ اشتر ۽ پي آءِ اي ايوارڊز ۽ فهيم خان، عبدالله نديم ۽ علي ميثم تمار صوبائي ڪمشنر پي آءِ اي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيا ويا. پي آءِ اي جنرل مئنيجر سيد قمر مقبول چيو ته اسڪائوٽنگ عالمي تحريڪ آهي جيڪا سڄي دنيا جي نوجوانن جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت ڪري ٿي.