ڪراچي: عمرشريف جي گھر ڀاتين سندس تدفين عبدالله شاهه غازي جي مزار ۾ ڪرڻ جي اجازت گھري آهي، جنهن تي سنڌ سرڪار اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ مرحوم عمر شريف جي پٽ جواد عمر شريف ٻڌايو آهي ته سندس پيءُ جي خواهش هئي ته کيس عبدالله شاهه غازي جي مزار جي اڱڻ تي دفن ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي عبدالله شاهه جي مزار ۾ تدفين جي درخواست ڏني آهي جيڪا اجازت ملي وئي آهي. هن چيو ته صوبائي وزير سعيد غني تدفين جي اجازت ڏيڻ جي تصديق ڪئي آهي. تدفين جا انتظام ٿي رهيا آهن، جلد جنازي نماز جو اعلان ڪنداسين. ٻئي پاسي صوبائي وزير سعيد غني به تصديق ڪندي چيو آهي ته عمر شريف جي تدفين عبدالله شاهه غازي جي مزار ۾ ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون.