ڪراچي (م ڊ) ڀارتي اداڪارن پاران نامياري ڪاميڊين عمرشريف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڀارت جي مشهور مزاحيه اداڪار جوني ليور چيو آهي ته عمر شريف جهڙو شخص هزار سالن ۾ پيدا ٿيندو آهي. عمر شريف نمبر ون ڪاميڊين هو. هن جهڙي حاضر دماغي اسان ۾ ناهي. دنيا سندس ديواني هئي. هن چيو ته سٺي فنڪار کي سڄي دنيا پسند ڪندي آهي، ساڻس گڏ اسٽيج شو ڪرڻ وارو هئس. نامياري ڀارتي اداڪار رضا مراد چيو ته عمر شريف هر ڏکويل ماڻهوءَ کي کيلايو. دلير مهدي چيو ته عمر شريف ڪمال جو اداڪار هو، مداح ان جو ڪم هميشه ياد رکندا. ان کان سواءِ ڪاميڊين ڪپل شرما به ٽوئيٽ ڪري عمر شريف کي الوداع لکيو. هن لکيو“الوداع ليجنڊ” ڀارتي ڪاميڊين ۽ اداڪار سديش لهري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته الوداع عمر شريف، پوري دنيا کي لکائيندڙ اڄ سڀني کي رئاڙي ويو.