ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ  چيو آهي ته ڪراچي ۾ احتجاج جي آڙ ۾ بسون ساڙيندڙن توڙي سرڪاري يا عوامي ملڪيتن کي نقصان پھچائيندڙن کي ڪا معافي نه ملندي،  سندن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي ـ ڪالھ  پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته عمران خان کي نيب راولپنڊي القادر ٽرسٽ ٺاھي  اربين رپين جو فائدو حاصل ڪرڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو آهي، کيس اربين رپين جو حساب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته  پ پ ڪنهن به سياسي مخالف جي گرفتاري تي خوش ناھي ٿيندي، عمراني دور ۾ نيب جڏهن آصف علي زرداري کي گرفتار ڪيو ته ھنن رقص پئي ڪيا. نيب وارا عيد جي رات جو فريال ٽالپر کي گھلي وٺي ويا، خورشيد شاھه، آغا سراج دراني ۽ اعجاز جکراڻي کي گرفتار ڪيو ويو، مونکي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو، هن چيو ته  پنجاب جي شھرن يا ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ پاران  ڪيل غنڊاگردي جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، لاهور ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ شاھ محمود قريشي عوام کي ڀڙڪائي رهيا هئا. ڪراچي ۾ وري سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ( حليم عادل )گلو بٽ بڻيل ھو، ھن چيو ته پي ٽي آءَ کي احتجاج لاءَ جيڪو به گرائونڊ گھرجي، اسان  ڏينداسين پر روڊ بلاڪ ڪرڻ نه ڏينداسين،  جيڪو به روڊ بلاڪ ڪندو، ان خلاف  ڪارروائي ڪنداسين ـ