اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جا ادارا پنهنجي دائري مان نڪري  ٻين ادارن جي اختيارن ۾ مداخلت ڪندا آهن، ايتري تائين جو پارليامينٽ جي اختيارن ۾ به مداخلت ڪئي ويندي آهي، عدليه جو ڪم ناهي ته اها قانون جاري ڪري پر چوي ته هي شق مبهم آهي ان تي پارليامينٽ قانون سازي ڪري، اهڙي طرح جي تشريحن مارشلائن جون راهون هموار ڪيون آهن، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ بين الاقوامي آئيني ڪنوينشن ٿيو، ڪنوينشن ۾ 17 ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن کانسواءِ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين اڳواڻن به به شرڪت ڪئي، ڪنوينشن کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ طاقت جو مرڪز، آئين جو مصنف ۽ رياست جو واحد قانون ساز ادارو آهي، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظاهر ڪيو ته آمريت جي ڪيترن دورن جي ڪري آئيني ۽ سياسي عمل متاثر ٿيو، هن چيو ته آئين جي تحفظ ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي حوالي سان اسان جي سياسي قيادت جو عزم غير متزلزل آهي، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي چاڙهيو ويو، آصف زرداري سميت سياسي قيادت جيل وئي، پر جمهوري سياسي قيادت آمريت کي قبول نه ڪيو، سڀني ايل ايف او نامنظور جو آواز بلند ڪيو، جمهوري پارلياماني ليڊر جمهوريت جي تحفظ لاءِ ڄمي بيٺل آهن، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جو آئين به ادارن جي وچ ۾ اختيارن جي تقسيم ڪري ٿو، آئين ۽ قانون جڏهن پارليامينٽ جي تخليق آهي ته قانون ۽ آئين ۽ قانون ٺاهيندڙ ادارو سڀ کان وڌيڪ طاقتور هوندو، اسان وٽ اختيارن جي مسئلي تي بگاڙ پيدا ٿي ويو آهي، اسان جا ادارا پنهنجي دائري مان نڪري ٻين ادارن جي اختيارن ۾ مداخلت ڪن ٿا، ايتري تائين جو پارليامينٽ جي اختيارن ۾ به مداخلت ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته جڏهن ماضي تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي قانون ۽ آئين جي مبهم حصن جي تشريح گهٽ ۽ آئين جي آرٽيڪل جي عدليه جيئن چاهي تشريح ڪري ڇڏيندي آهي، عدليه جو ڪم نه آهي ته اها قانون جاري ڪري پر چوي ته هي شق مبهم آهي ان تي پارليامينٽ قانون سازي ڪري، اهڙي طرح جي تشريحن مارشلائن جون راهون ڪيون آهن، عدليه ئي آمرن کي ماضي ۾ نظريه ضرورت فراهم ڪيو آهي، ضرورت آهي ته آئين سان کلواڙ بند ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان جي معيشت جا فيصلا عالمي مالياتي اداري ڪن ٿا، اسان کي بين الاقوامي ادارا ڪنٽرول ڪري رهيا آهن، ايتري تائين جو مرضي جي بجيٽ به نه ٿا ٺاهي سگهون، ڇا جنگ مسئلن جو حل آهي، اسان کي ڌانڌلي واري جمهوريت نه کپي، هن چيو ته صدارتي نظام هن ملڪ ۾ نه هلندو، مضبوط جمهوريت گهرجي، ڌانڌلين جي نتيجي ۾ نااهل مسلط ٿي ويندا آهن، جيڪي واقعا ڪالهه کان رونما ٿي رهيا آهن جن جو اسان مشاهدو ڪري رهيا آهيون، ان جي ڪري چيو هو ته مذاڪرات جو ڪو به فائدو نه آهي، پي ٽي آءِ ۾ عقل ۽ شعور کان عاري ماڻهو آهن جيڪي مذاڪرات جي قابل نه هئا، قانون ۽ انصاف جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته جمهوريت ۾ سياسي جماعتن جو ڪردار اهم هوندو آهي، آزاداڻي ڪاروبار جو حق، سرمائيڪاري جا موقعا ڏيڻ به آئين ۾ واضح طور تي درج آهن، تعليم جي فراهمي تائين رسائي جو نظام به موجود آهي، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مقامي ۽ عالمي بحران کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ جمهوريت جو بنيادي ڍانچو ضروري آهي، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين ضرورتن سان مسئلن جو حڪ ممڪن هوندو آهي، اڀرندڙ ڊجيٽل پليٽ فارم جي لاءِ قانون سازي جي ضرورت آهي، سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته جمهوريت کي چار مختلف چيلينجون سامهون آهن، جيڪڏهن نان اسٽيٽ ايڪٽر کٽي ويندا آهن ته هي آئين ختم ٿي ويندو آهي، سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ توهان کي ناقابل گرفت اختيار نه ٿي ڏئي سگهي، ٻيو چيلينج پاپولزم آهي جنهن کي اسان منهن ڏئي رهيا آهيون، ٽيون چيلينج پاپولرائيزيشن آهي ۽ هي گهڻو خطرناڪ آهي، فيڪ نيوز جمهوريت ۽ ادارن جي لاءِ  خطرو آهي، فيڪ نيوز جي ذريعي هڪ بيانيي کي هٿي ڏني ويندي آهي.