اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم سيمينار کي خطاب ڪرڻ بعد صحافين جي ڏکين سوالن جا جواب ڏيڻ کانسواءِ ئي هليو ويو. سيمينار کي خطاب ڪرڻ بعد عمران خان وڃي رهيو هو ته سينئر صحافي حيدر شيرازي کانئس سوال ڪيو ته خان صاحب ڇا نصرت جاويد ۽ طلعت حسين کي به هٽائڻ (اسڪرين کان) اظهار جي آزادي هئي؟ عمران اهو سوال غور سان ٻڌو پر جواب ڏيڻ کانسواءِ اڳتي وڌي ويو. ياد رهي ته اهو سيمينار صحافتي ۽ اظهار جي آزادي بابت هو.