ڪراچي(م ڊ)موسمي تبديليون عالمي معيشت جي لاءِ ڪيتري قدر نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون ان جو اندازو لڳائڻ سدائين ڏکيو مسئلو رهيو آهي پر 2022ع جي گرمين مان واضح ٿي ويو آهي ته اهي گرميون ڪيتريون تباهه ڪندڙ آهن. آمريڪا، يورپ ۽ چين گرمي ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏئي رهيا آهن جنهن جي ڪري ڪمپنين ۽ ملازمن کي ان وقت مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن عالمي سطح تي ڪيترن ئي ملڪن ۾ معاشي ٻاڙائي آهي. چين جي صوبي سيچوان ۾ سڀني ڪارخانن کي ڇهه ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي ته جيئن بجلي بچائي سگهجي. جرمني جي اهم ترين درياهه جي سطح به سوڪهڙي جي ڪري گهڻو گهٽجي وئي آهي جنهن جي ڪري سامان پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. آمريڪا جي اوڀر واري علائقي ۾ گرمي پد وڌي وڃڻ سبب ماڻهن کي بجلي بچائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. آڪسفورڊ ايڪنامڪس جي گلوبل ميڪرو ريسرچ جي ڊائريڪٽر بين مي چيو آهي متاثر علائقن ۾ انهن حالتن جا اثر به چٽا ظاهر ٿيندا. ماهرن جو چوڻ آهي ته سخت موسم جي ڪري مختلف مسئلن جي سختي کي به وڌائي ڇڏيو آهي خاص ڪري سپلاءِ چينز متاثر ٿيڻ جي ڪري مهانگائي کي گهٽائڻ ڏاڍو ڏکيو بڻجي ويو آهي.