شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج ۾ پوليس جي ڊپ کان سم نالي ۾ ٽپو ڏيندڙ پورهيت نوجوان جو لاش 36 ڪلاڪن بعد ايل بي او ڊي سم نالي مان هٿ، وارثن پاران پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو، ان ڏس ۾ هوٽل تي چڙهائي دوران پوليس جي ڊپ کان سم نالي ۾ ٽپو ڏيندڙ  پورهيت عثمان ملاح جو لاش ايل بي او ڊي سم نالي مان هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش ڪڍرائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف نوجوان جي وارثن حسن ملاح، موسو ملاح، جمعو ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته  پوليس پنهنجي اهلڪارن کي بچائڻ چاهي ٿي، اسان جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته ايس ايس بدين به هن وقت تائين ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي، پوليس اسان جي نوجوان کي ڊوڙائي ڊوڙائي سم نالي ۾ ٽپو ڏيڻ تي مجبور ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته مامري جي شفاف جاچ ڪرائي اهلڪارن کي سخت سزا ڏني وڃي، هوڏانهن   ايس ايچ او کوسڪي مولچند ميگهواڙ   ٻڌايو ته  ايس پي بدين ٽيم جوڙي آهي، جيڪا جاچ ڪندي، جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته عثمان ملاح شراب واپرائندو هو، جنهن کي گهڻا نشا ٿيڻ ڪري سم نالي ۾ پير سلپ ٿيڻ ڪري سم نالي ۾ڪري فوت ٿيو.