اسلام آباد/لاهور/پشاور (نمائندن وٽان + م ڊ) پي ٽي آءِ سرڪار کي هڪ ٻيو ڌچڪو، ترين گروپ پاران پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي بئنچز تي نه ويهڻ جو فيصلو، پنجاب بعد ڪي پي ڪي ۾ به ترين گروپ جي انٽري، ڪيترن ئي ميمبرن سان رابطا ڪيا ويا، جهانگير ترين چيو آهي ته پنجاب حڪومت جي زيادتين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ پنهنجو گروپ ٺاهيو آهي، پي ٽي آءِ جو حصو هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين: جهانگير ترين پي ٽي آءِ سان بغاوت وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. جهانگير ترين گروپ طرفان پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي بئنچز تي نه ويهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پارلياماني ليڊر سوڌو جهانگير ترين جِي حامي ايم پي ايز طرفان اسپيڪر پرويز الاهي سان جلد ملاقات جا امڪان آهن، ذريعن موجب جهانگير ترين جو حامي گروپ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي الڳ سيٽس الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪندو، ايم پي اي نذير چوهاڻ ۽ نعمان لنگڙيال جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين گروپ ۾ 30 اسيمبلي ميمبرز آهن، هم خيال ميمبرز پنجاب اسيمبلي ۾ ڌار سيٽس تي وهي پاڻ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿاريندا. هوڏانهن جهانگير ترين هم خيال گروپ پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ به انٽري ڏئي ڇڏي آهي، ڪي پي اسيمبلي جي ميمبرن حمايت حاصل ڪرڻ جو ٽاسڪ ايم اين اي راجا رياض کي ڏنو ويو آهي، راجا رياض چيو آهي ته هم خيال گروپ کي ڪي پي مان 5 اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي وقت اچڻ تي نالا ظاهر ڪيا ويندا، ايم اين ايز سان به رابطن ۾ آهيون، ڪي پي اسيمبلي ۾ گروپ جي في الحال ضرورت ناهي پر ضرورت پوڻ تي اتي به گروپ ٺاهي سگهون ٿا. جهانگير ترين پي ٽي آءِ سان بغاوت وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت جي زيادتين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ پنهنجو گروپ ٺاهيو آهي، پي ٽي آءِ جو حصو هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين: لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته ڪالهه رات ميڊيا تي طوفان برپا ٿيو ته اسان پي ٽي آءِ کان هٽي رهيا آهيون، اسان جو گروپ هاڻي نه، ٽن مهينن کان ٺهيل آهي، عمران خان انصاف پسند آهي، پر پنجاب سرڪار اسان جي ماڻهن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪيون، پنجاب اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ لاءِ گروپ ٺاهيو آهي، ڪوبه فارورڊ بلاڪ ناهي ٺهيو، موجوده حڪومت جي وجود ۾ اسان جي ماڻهن جو به حصو آهي، انتقامي ڪارروائيون بند ٿيڻ گهرجن، جهانگير ترين چيو ته معاملي جي جاچ ڪندڙ علي ظفر سان اسان جا وڪيل مليا آهن، اُميد ته رپورٽ جلد پڌري ڪئي ويندي يا وزيراعظم ڏانهن اُماڻي ويندي.