اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) جهانگير ترين گروپ ٺهڻ تي وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان تي اعتماد نه ڪندڙن لاءِ پارٽي ۾ ڪا به گنجائش ناهي، جهانگير ترين ڪيڏانهن نه پيو وڃي، بجيٽ ۾ اهي ميمبر حمايت ڪندا. ان سلسلي ۾ وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان تي اعتماد نه ڪندڙن لاءِ پارٽي ۾ ڪابه گنجائش ناهي، اسان جا چونڊيل نمائندا عمران خان جِي ڊسيپلين جا پابند آهن، اعتماد جِي ووٽ ۽ فنانس بل تي ڪوبه اڳواڻ پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي نٿو ڪري سگهي، شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين جو نالو کڻڻ بنا چيو ته توهان عمران خان کي ليڊر مڃو ٿا ته اُن جي فيصلن تي راضپو به ظاهر ڪرڻو پوندو، وزيراعظم سندن خواهش تي علي ظفر کي جاچ جي ذميواري ڏني، جيڪو وزيراعظم آڏو رپورٽ پيش ڪندو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جهانگير ترين ڪيڏانهن به نه پيو وڃي، فنانس بل جي منظوري دوران عمران خان کي ئي ووٽ ڏيندو، پارٽي ۾ هلڪي ڦلڪي ٽُڪ ٽڪ هلندي رهندي آهي. وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ڪنهن کي ڪا رنجش آهي ته ان سان ملنداسين، ڳالهيون ڪنداسين، شهزاد اڪبر کان ڪنهن کي پنهنجي ذاتي رنجش ٿي سگهي ٿي، راجا رياض سان ڳالهائينداسين اها رنجش ختم ٿي ويندي، ناراضگي جو اهو مطلب ناهي ته تحريڪ انصاف خلاف ويندا.