اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) تحريڪ انصاف جي حڪومت اڍائي سالن جي عرصي کان پوءِ به ڪيترن ئي اهم ادارن جا مستقل سربراهه مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام، تفصيل موجب ڪابينا ويزن جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي ڪابينا مختلف اهم سرڪاري ادارن جي سربراهن جي خالي پوسٽن جو ڪيترائي ڀيرا نوٽيس ورتو، پر اڃا تائين درجنين ادارن جا مستقل سربراهه مقرر ڪرڻ بجاءِ ايڊهاڪ بنيادن تي ادارا هلائڻ جو سلسلو جاري آهي، ملڪ ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪل 10 ڪمپنيون مستقل سربراهن کان محروم بڻيل آهن، جن ۾ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني سوڌو، اسلام آباد، لاهور، ملتان، فيصل آباد، پشاور، گجرانوالا، ڪوئيٽا ۽ ٽرائبل ايريا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپنيون شامل آهن، ذريعن ٻڌايو آهي ته بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي سالن کان وڌيڪ عرصي کان ايڊهاڪ بنيادن تي هلايو پيو وڃي، جڏهن ته ملڪ جي اهم ترين ادارن نادرا، سي ڊي اي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي، متبادل توانائي ڊولپمينٽ بورڊ، اي او بي آءِ، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ، پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ، انٽر اسٽيٽ گيس سسٽم، نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي، پاڪستان پوسٽ، ريڊيو پاڪستان، ڊپارٽمينٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن جا ادارا به مستقل سربراهن کان سواءِ هلي رهيا آهن، جڏهن ته اوورسيز ايمپلائيمينٽ ڪارپوريشن، نيشنل ٽيلينٽ پول، پاڪستان ڪائونسل فار رينيوايبل ٽيڪنالاجي، پاڪستان ڪائونسل فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن، انڊس واٽر ڪمشنر، نيشنل سيونگ، شماريات، پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي سميت ٻيا ڪيترائي ادارا به مستقل سربراهه کان محروم آهن، ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته آدمشماري ۽ ملڪ اندر اهم سروي ڪندڙ ملڪ جي واحد اداري شماريات جي سربراهه يعني چيف شماريات جو عهدو لڳ ڀڳ 4 سالن کان خالي آهي، پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي جي سربراهه جي عهدي تي 2012ع کان مستقل سربراهه مقرر نه ٿي سگهيو آهي، ذريعن مطابق اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪجهه هفتا اڳ ادارن ۾ سربراهن جي خالي پيل عهدن بابت رپورٽ تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو هو ته مجموعي طور تي 70 کان وڌيڪ ادارن جا سربراهه مقرر ٿيل ناهن، ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان ڪيترا ڀيرا ادارن جي سربراهن جي خالي پيل عهدن واري صورتحال جو نوٽيس وٺي چڪو آهي، لڳ ڀڳ ڏيڍ سال اڳ وفاقي ڪابينا ادارن جي سربراهن جي خالي پيل پوسٽن تي ٽن مهينن اندر مقرريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر اهڙي هدايت کان پوءِ ڪابينا جي فيصلي جي ابتڙ خالي پيل ادارن جي سربراهن جي جاءِ تي عارضي چارج ڏئي ڪم هلائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، آڪٽوبر 2020ع تي به وفاقي ڪابينا ادارن جي سربراهن جي خالي پيل پوسٽن کي ٽن مهينن اندر ڀرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان حوالي سان ڪابينا لاڳاپيل وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي فيصلي تي عملدرآمد جو پابند بڻايو، ذريعن مطابق خالي پيل ادارن جي سربراهن جي مقررين واري مامري کي ڪيٽيگري اي ۽ بي ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، ڪيٽيگري اي ۾ ايندڙ ادارن جي سربراهن جي مقرري جو عمل آخري مرحلن ۾ داخل ٿيل آهي، جڏهن ته ڪيٽيگري بي ۾ ايندڙ ادارن جي سربراهن جي مقررين کي 4 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي حڪمت عملي ٺاهي وئي.