اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ خيبر پختونخوا جي ضلعي هريپور ۾ سيمينٽ فيڪٽري جي تعمير لاءِ حاصل ڪيل سرڪاري زمين واري مامري تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، ڪي پي ڪي جي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هريپور ۾ جنهن سرڪاري زمين تي سيمينٽ فيڪٽري لڳائي پئي وڃي ان جي تعمير جو مقصد ديامير ڀاشا ڊيم کي سيمينٽ فراهم ڪرڻ آهي، اهو تاثر غلط آهي ته سيمينٽ فيڪٽري لاءِ زمين ايف ڊبليو او وارن حاصل ڪئي آهي، زمين حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو آهي اهو ئي اختيار ڪيو آهي، عدالت جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.