مڪو شريف (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي ئي آهي جنهن ۾ هو ڪعبت الله جو طواف ڪري رهيو آهي. طواف دوران ماڻهن جا هٿ مٿي کڄيل ڏسي هو انهن کي سلام سمجهي پنهنجو هٿ ماڻهن ڏانهن ڪري جواب ڏئي ٿو. ان لمحي ئي ساڻس گڏ موجود عرب گائيڊ کي کيس اهو سمجهائيندي ڏسي سگهجي ٿو ته هي ماڻهو توهان کي سلام نه پيا ڪن پر هي حجر اسود ڏانهن ڏسي اشاري طور هٿ مٿي ڪري رهيا آهن. اها وڊيو وائرل ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو ان تي مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن. اها وڊيو هڪ سال اڳ جي ٻڌائي وڃي ٿي. کيس احرام به پاتل آهي ۽ سيڪيورٽي گارڊن جو وڏو جٿو سندس حفاظت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. هو طواف به سيڪيورٽي اهلڪارن جي گهيري ۾ ڪري رهيو آهي.