اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ تعليمي ادارن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تعليمي ادارن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، تعليم واري وزارت اپريل ۽ مئي جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو هو، جنهن تي پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن تعليم واري وزارت جو نوٽيفڪيشن چيلنج ڪيو هو. عدالت چيو ته ڪورونا دوران پاليسي معاملن کي ڏسڻ وارو ادارو اين سي او سي آهي، ان ڪري پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جيڪڏهن فيصلي کي غلط سمجهي ٿو ته اين سي او سي سان رابطو ڪري.