گهوٽڪي ضلعي ۾ سارين جي فصل خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

0
343

ميرپورماٿيلو: گهوٽڪي ضلعي ۾ سارين جي فصل خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، خلاف ورزي ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ٿيندا. ڊي سي گهوٽڪي جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪار، آبپاشي ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران ڊي سي گهوٽڪي زراعت کاتي جي ڪارڪردگي کي غيرتسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، ڊي سي عثمان عبدالله جو چوڻ هو ته زراعت کاتي جي نااهلي سبب آبادگار سارين بدران متبادل فصل نه ٿا ڪن، زراعت آفيسر بهتر طريقي سان فرض ادا نه پيا ڪن. سنڌ حڪومت سارين جي فصل تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي آهي، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا. اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي پنهنجي تعلقي ۾ سارين جي فصل خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري رپورٽ ڏين.